ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران زرعي سڌارا قانون تي اسٽي ، ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي سپريم ڪورٽ زراعت جي  شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جي مقصد سان منظور ڪيل قانونن تي عمل روڪرائي ڇڏيو. گڏوگڏ عدالت سراپا احتجاج آبادگارن سان ڳالهين لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا. هڪ ڏينهن اڳ عدالت عظميٰ ۾ آبادگارن طرفان داخل ڪيل پٽيشنز ٻڌيون ويون هيون ۽ عدالت ان نتيجي تي پهتي ته قانونن کي سلهاڙيل ماڻهن سان صلاح مشوري بنا منظور ڪيو ويو ۽ اختلافن جي حل لاءِ حڪومت ۽ آبادگارن ۾ ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي نه پئي ٿئي.  تحريڪ سبب ٿيل نقصان تي ڳڻتي آهي. ، ڪميٽي جو مقصد ڇڪتاڻ جو خاتمو آڻڻ آهي. عدالت پينل ۾ ڀارتي ڪسان يونين جي ڀوپيندر سنگهه، شيتڪاري سنگهٽن جي انل گنوت، فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽر پرمود ڪمار جوشي ۽ زرعي اقتصاديات جو ماهر اشوڪ گولاڻي شامل آهن. واضح رهي ته نئين دهلي حڪومت طرفان سڌارا منظور ڪرڻ جي ردعمل ۾ گذريل 45 ڏينهن کان آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ هنن نئين دهلي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.