عزير بلوچ چوٿين قتل ڪيس مان به بري

ڪراچي (رپورٽر)سينٽرل جيل ۾ايڊيشل اينڊسيشن جج جي عدالت ۾شهري کي اغواڪري قتل ڪرڻ جي هڪ ڪيس مان جوابدار عزير بلوچ کي ثبوت نه ملڻ بري ڪري ڇڏيو آهي، عزير بلوچ چئن ڪيسن ۾ آزاد ٿي ويو آهي، يادرهي ته 13مارچ 2013ع تي هڪ شهري نوشاد کي چاڪيواڙي مان اغوا ڪري قتل ڪيو ه، وجنهن جو ڪيس عزير بلوچ خلاف داخل هو،عزير تي 50 کن ڪيس هلندڙ آهن، هن کي هڪ ڪيس ۾ فوجي عدالت سزا ٻڌائي چڪي آهي،عدالت بندش پيل پيپلز ڪميٽي جي سربراهه شاهد رحمان کي اغوا ۽ قتل جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. جڏهن ان ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عزير بلوچ کي پهرين کان آزاد ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.