سنڌ سڀا اڳواڻ وڌيڪ 7 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي

حيدرآباد(رپورٽر+پ ر)سنڌ سڀا اڳواڻ وڌيڪ ست ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي، سنڌي انعام، اي ڊي راهمون ۽ شعيب خاصخيلي کي ڪورونا جو سبب ڄاڻائي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، حيدرآباد پريس ڪلب تي ڊاڪٽر نذير کوکر، نعيم سنڌو ۽ شعيب خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سنڌ سڀا جو لڳاتار ڌرڻو ڪالهه  نائين ڏينهن به جاري رهيو، جڏهن ته سنڌي انعام، نور باگڙي، شبير لغاري، اي ڊي راهمون، شعيب چانڊيو ۽ اصغر شيخ جو هالا ڪورٽ مان 12 ڏينهن جو رمانڊ ڪالهه  پورو ٿي ويو، پر سنڌي انعام، اي ڊي راهمون ۽ شعيب چانڊيي کي عدالت ۾ نه آندو ويو، جڏهن ته باقي ٽن ڄڻن نور باگڙي، شبير لغاري، اصغر شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي وڌيڪ ستن ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌي انعام ۽ ٻن ساٿين کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر نذير کوکر ڳالهائيندي چيو ته سنڌي انعام ۽ ٻين ساٿين جي آزادي تائين حيدرآباد پري ڪلب تي لڳاتار ڌرڻو جاري رهندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.