پي ايم سي جَي تڪراري نتيجن خلاف اسٽي آرڊر لاءِ درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ  هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  پي ايم سي جَي  تڪراري نتيجن خلاف شاگردن جي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪندي ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ، ٻڌڻي دوران پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جواب جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته ٽيسٽ ميرٽ موجب ٿيا آهن ، ٽيسٽ ۾ ڪو هڪ به سوال نصاب کان ٻاهر نه هو، ٽيسٽ ۾ 14 مبهم سوال هئا،  ان جي عيوض سمورن شاگردن کي 14گريس مارڪس ڏنا ويا آهن .شاگردن جي وڪيل جبران ناصر ٽيسٽ نتيجن واري لسٽ جاري نه ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته ميڊيڪل بورڊ جو موقف غلط آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته شاگردن کي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪرڻ جو به حق ناهي، ٽيسٽ ۾ 18سوال سليبس مان آئوٽ هئا عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪي شاگرد ميرٽ تي پاس ٿيا آهن، انهن جا نتيجا ڇو روڪيون؟، عدالت وڪيلن کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.آهي . جڏهن شاگرد طاهر جمالي چيو ته پي ايم سي جو موقف غلط آهي .مان ڪتاب آڏو رکي ٻڌائي سگهان ٿو ته سوال سليبس کان آئوٽ هئا .منهنجو هڪ نمبر گهٽ آهي اگر سلبيس موجب هجي ها ته مان ميرٽ تي هجان ها،  اسان جو قصور ڪهڙوآهي ٻڌايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.