ڄام ذيشان جي مخالف اميدوار جو فارم چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ِڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙي سانگهڙ جي تڪ پي ايس 43 جي اميدوار ڄام ذيشان  جي درخواست تي اڄ ڌرين جي وڪيلن کان دليل گهري ورتا آهن .جام ڊيشان پنهنجي مخالف اميدوار مشتاق احمد جي نامزدگي فارم جي منظوري جي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي .درخواست ۾ چيو ويو آهي مشتاق احمد پي ايس 43 جو اميدوار آهي نامزدگي فارم ۾ قانوني گهرجن کي پورو نه ڪيو آهي .ان ڪري مشتاق احمد جو نامزدگي فارم رد ڪيو وڃي اليڪشن ڪميشن جي لاآفيسر عبدالله هنجراه چيو آهي ته مشتاق احمد چونڊن جي خرچ لاءِ بئنڪ اڪائونٽ نه کولايوآهي اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017ع جي تحت ايڪسڪلوسو بئنڪ اڪائونٽ ضروري آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.