سنڌ جي گئس تي ڌاڙو هنيو ويو، ايم ڪيو ايم کي ”ڪو ٻيو“ پيو هلائي: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گئس بحران تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي حڪومت جي اتحادين جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم تي زور ڀريندي چيو آهي ته عوامي مسئلن تي وفاقي ڪابينا مان نڪرن ۽ سنڌ جي ماڻهن جو ساٿ ڏين. ڪالهه اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ گئس بحران تي پاليسي بيان ڏيندي وڏي وزير حڪومت جي اتحادين کي مخاطب  ٿيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن سان بيهڻ لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، مون کي پتو آهي ته حڪومت مان نٿا نڪري سگهو ڇو ته اوهان کي هلائڻ وارو ڪو ٻيو آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صنعتڪارن جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ گئس موجود آهي ۽ انهن جو حق آهي سندن صنعتن کي گئس ڏني وڃي پر پوءِ به نه پئي ڏني وڃي. مراد علي شاهه چيو ته گئس تي سنڌ جي ماڻهن جو پهريون حق آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جو حق ماري رهي آهي. وڏي وزير فردوس شميم نقوي جو نالو وٺڻ کان بغير ياد ڏياريو ته سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڪنهن شرم حياءَ ياد ڏياريو هو. هن چيو ته مون گذريل ڊسمبر ۾ وزيراعظم کي خط لکيو هو، سندس ماڻهو کيس گمراهه ڪري رهيا آهن. وڏي وزير ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم کي خط لکندو هئس ته جواب پاور کاتي طرفان ڏنو ويو. هن چيو ته اسان سنڌ لاءِ 1600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گهري آهي ان ڏس ۾ هن آئين جي آرٽيڪل 158 جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اسان لکيو ته وفاقي حڪومت جون پاليسيون قانون مطابق ناهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي تقرير جاري هئي ته ايوان ۾ موجود پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي رد عمل جو اظهار ڪندي اسپيڪر کي چيو ته ايوان ۾ منهنجو نالو ورتو ويو مون کي جواب ڏيڻ جو حق ڏيو، اوهان جمهوريت تي يقين رکو ٿا ته ڳالهائڻ ڏيو جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هتي جمهوريت جي ڳالهه نه پر قاعدن جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ اوهان مون کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهو. سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جا ذخيرا صرف 12 سالن جا رهجي ويا آهن جڏهن ته پيٽرول جا ذخيرا به گهٽجي رهيا آهن، سنڌ جي گئس تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي گئس لائينن ذريعي سوئي نادرن کي ڏني پئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ توانائي کاتي بابت سوالن جوابن واري وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي امتياز شيخ چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ 12 کان 15 سالن تائين گئس دستياب هوندي، تيل اڃا ڪافي آهي ۽ تيل جا به 15 کان 20 سالن تائين جا ذخيرا موجود آهن. هن ٻڌايو ته آئل گئس جا ذخيرن جي ريگيوليٽري جو معاملو وفاق وٽ آهي. آئين مطابق جنهن صوبي مان گئس نڪري اهو صوبو ان جو استعمال ڪرڻ جو پهريون حق رکي ٿو. امتياز شيخ چيو ته اسان وزيرن کي خط به لکيا ان جي باوجود آئين جي ڪنهن آرٽيڪل تي ڪا به توجهه نه ڏني پئي وڃي. توانائي واري وزير چيو ته سنڌ جي 26 سئو اين ايف سي ايف ڊي گئس آهي اسان چئون ٿا ته اسان جي گئس اسان کي ڏيو جيڪا بچي وڃي اها جنهن کي مرضي چاهي ڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ امتياز شيخ ٻڌايو ته گئس ۽ آئل مختلف ضلعن مان نڪري ٿو. هن چيو ته سنڌ سان جيڪا زيادتي ڪئي پئي وڃي ان بابت اسان ميڊيا ۽ پارلياماني فورم تي به ڳالهه ڪري رهيا آهيون. سنڌ حڪومت جو وفاق ساٿ نٿو ڏئي پر اسان سياسي جدوجهد تي يقين رکون ٿا جيڪڏهن ڪو طريقو نظر نه آيو ته عدالت سان رجوع ڪنداسين. اسان پنهنجو حق وٺڻ لاءِ هر ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسان 660 ميگاواٽ ٿرڪول مان ڏئي رهيا آهيون. 2 هزار ميگاواٽ بجلي ٿر ڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو مان اچي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي وئي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان يا سنڌ صوبي ۾ گئس جي کوٽ ڇا اڄ ٿي رهي آهي، زرداري جي دور ۾ گئس جي کوٽ نه ٿي هئي. هن چيو ته گئس تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جو آهي. پوري پاڪستان ۾ پيٽروليم شيون هڪ هئڻ گهرجن ۽ پوري ملڪ جي گئس تي سڀني جو حق آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته سڀاڻي پشاور وارا اهو نه چون ته تربيلا ڊيم سندن آهي ته بجلي سندن آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.