نصرت سحر سفر دوران اجلاس ۾ وڊيو لنڪ تي شريڪ، دلچسپ جملا

ڪراچي: عالمي وبا ڪرونا اسيمبلي اجلاس جا طور طريقا  به تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسيمبلي سيشن آن وهيل جو به هڪ ريڪارڊ قائم ٿي ويو، جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي دوران سفر سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿي جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا ۽ دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. صوبائي وزير امتياز شيخ تبصرو ڪندي چيو ته محترمه گاڏي روڪي وٺو ۽ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو جنهن تي نصرت سحر چيو ته آن لائن سيشن ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي آهي. ان موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اوهان هوا ۾ آهيو ۽ هوا ۾ ڪو به ڪيچ ڪري سگهي ٿو. نصرت سحر عباسي چيو ته هوءَ اجلاس ۾ ته شريڪ آهي پر انٽرنيٽ جو مسئلو پيش اچي رهيو  آهي. اجلاس ۾  ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد پنهنجي التوا واري تحريڪ جيڪا صوبي جي نوجوانن کي ملازمتن ۾ موقعا فراهم ڪرڻ بابت هئي پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي يقين ڏيارڻ تي واپس وٺي ڇڏي. ميمبر جو التوا واري تحريڪ ۾ چوڻ هو ته حڪومت ماڻهن کي ملازمتون ڏيڻ جي ته ڳالهه ڪري رهي آهي پر سرڪاري ملازمتون ٻه ٻه لک رپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون جنهن تي پارلياماني معاملن واري وزير يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ تمام ملازمتون ميرٽ جي بنياد تي مستحق ماڻهن کي ڏنيون وينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.