پشاور هاءِ ڪورٽ پي ايم سي جا پيپر گهرايا آهن ته غلط آهي: جسٽس اطهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو  آهي ته جيڪڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ پي ايم سي جا پيپرز طلب ڪيا آهن ته اهو غلط آهي، پيپر چيڪ ڪرڻ عدالت جو ڪم نه آهي، سپريم ڪورٽ واضح ڪري چڪي آهي ته عدالتون نصابي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنديون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله  عدالت پي ايم سي کي انٽري ٽيسٽ ۾ بيقاعدگين بابت شاگردن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران شاگردن چيو ته ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ امتحان وٺڻ صوبن جو اختيار آهي، وفاقي سطح تي انٽري ٽيسٽ نٿي وٺي سگهجي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ريگيوليٽري اٿارٽي صوبائي اختيار ۾ نٿي اچي. پي ايم سي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته امتحاني نظام کي ڪمپيوٽرائيز ڪيو آهي، فني مسئلن کي هڪ ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.