اسٽيل مل جي برطرف ملازمن جو ٻارين ٻچين سي اي او جي گهر جو گهيراءُ، ڌرڻو

ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل مل مان نوڪرين تان برطرف ڪيل سوين پورهيتن جي ڪٽنب جي عورتن، ٻارڙن ۽ پورهيتن جو چيف ايگزيڪيٽو پاڪستان اسٽيل هائوس آڏو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، مڇريل عورتون هائوس جي مک دروازو ٽوڙي اندر داخل، چيف ايگزيڪيٽو پاڪستان اسٽيل 24 ڪلاڪن کان گهر اندر محصور بڻيل، ان موقعي تي هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي آل ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، عاصم ڀٽي، ياسين ڄامڙو، اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ اسٽيل مل جي هزارين پورهيتن کي برطرف ڪري سندن گهرن جو چلهو وسايو ويو آهي، اسان جا معصوم ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن ۽ اسڪول انتظاميا فيسون نه ڏيڻ ڪري ٻارن جي داخلا تي بندش لڳائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته انتظاميا پاران فوري طور تي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس پڻ ڏنا ويا آهن، ان قسم جو عمل اسان کي اجتماعي خودڪشين لاءِ مجبور ٿو ڪري، اسان هاڻي پنهنجي ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ جي به پوزيشن ۾ نه رهيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور پاڪستان اسٽيل مل جيڪو فولادسازي جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ان کي بحال ڪري ملازمن جي برطرفي واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي، جڏهن ته  انتظاميا پاران عورتن کي هائوس کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.