نعيم بخاري جي مقرري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته نعيم بخاري جي مقرري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي  آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نعيم بخاري جي پي ٽي وي جي چيئرمين طور مقرري خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله نعيم بخاري کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته نعيم بخاري صاحب اسان جي لاءِ احترام لائق آهي پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. نعيم بخاري جي مقرري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي لڳي رهي آهي. سپريم ڪورٽ جو وڏو واضح فيصلو آهي ان تي عمل به ضروري آهي. عدالت طرفان اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي سهڪار جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. سڌُ سماءَ واري وزارت جي سيڪريٽري جي مجاز آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.