پني عاقل ويجهو شڪي مقابلو، گهربل جوابدار مارجي ويو

سکر/پنوعاقل(نمائندا) پنو عاقل ٿاڻي جي حد بچل شاهه ڌاريجو لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري ذيشان  تيغاڻي مارجي ويو، پوليس مارجي ويل ڏوهاري جو لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو جتي ڏوهاري جي سڃاڻپ تيغاڻي گروهه جي رهزن ڏوهاري ذيشان تيغاڻي جي نالي سان ٿي، پنو عاقل پوليس واقعي جو ڪيس مارجي ويل ڏوهاري ۽ سندس ساٿين خلاف داخل ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن، واقعي بابت ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آهي ته معمول جي گشت دوران پنو عاقل پوليس مٿان ڏوهارين فائرنگ ڪئي جنهن دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ رهزن ڏوهاري ذيشان تيغاڻي مارجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.