ٿر ۾ وڌيڪ 4 معصوم ٻار فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ وڌيڪ چار معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن،اُنهي سلسلي ۾ مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف  بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن،مٺي سول اسپتال ۾ نارائڻ،حسين چانڍيو،موهن لال ۽ ساجن جي تازا ڄاول ٻارڙا دم ڏنو،جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 21 ٿي ويو آهي،سول اسپتال مٺي سميت ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب مريض سخت پريشان ٿي ويا آهن،سول اسپتال مٺي ۾ ٻارڙن جي موت واري واقعن جو سنڌ حڪومت نوٽيس ناهي ورتوهوڏانهن ٿر ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل پٽيشن تي عدالت صحت کاتي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.