جو بائيڊن جي حلف برداري تقريب لاءِ زرداري ۽ بلاول کي دعوت

ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ۽ عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير شهلا رضا موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي دعوت ڏني وئي آهي. هن  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته آصف علي زرداري طبيعت جي خرابي سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو جي شرڪت جا چٽا امڪان آهن. جو بائيڊن 20 جنوري تي آمريڪي صدر جي عهدي جو حلف کڻندو.

ٽرمپ جي مواخذي جون تياريون، ڪاوڙايو پيو وڃي: آمريڪي صدر

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس تي وڳوڙين جي حملي بعد صدر ٽرمپ پهريون ڀيرو ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ان واقعي تي پڇتاءُ جو اظهار نه ڪيو ۽ پنهنجي  بيان کي درست قرار ڏنو هن جو چوڻ هو ته آمريڪي ڪانگريس پاران منهنجي مواخذي جي ڪوشش ناراضگي جو سبب بڻجي رهي آهي، آمريڪي ميڊيا موجب نائب صدر مائيڪ پينس صدر ٽرمپ کان اختيار واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اربعا کان مواخذي جي ڪارروائي شروع ٿيندي، آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ٽرمپ جي مواخذي بابت قرارداد تي ووٽنگ رات دير سان ٿيندي،

جوبائيڊن جي حلف برداري واري تقريب، ايف بي آءِ جو ٿريٽ الرٽ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي وفاقي تحقيقاتي اداري ايف بي آءِ آمريڪي نشرياتي اداري کي ٻڌايو آهي ته اهڙين شاهدين جو  جائزو وٺي رهيا آهيون جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته ڪجهه گروپ ۽ ماڻهو اقتدار جي منتقلي جي موقعي تي تشدد کي هوا ڏئي سگهن ٿا يا ڪنهن ڏوهاري سرگرمي جو حصو بڻجي سگهن ٿا. ايف بي آءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيتوڻيڪ وفاقي ادارا عام طور ڪنهن به مخصوص ڳجهي اطلاع تي تبصرو ناهن ڪندا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي وفاقي ۽ مقامي شراڪتدارن جي مدد ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.