”پ پ طرفان ڀنڊار ٻيٽ جي اين او سي بعد مخالفت تي حڪومت کي جاچ ڪرڻ گهرجي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته پيپلز پارٽي آرڊيننس جي خلاف پاڻ کي پيش ڪري ٿي پر هن 150 آرڊيننس پاس ڪرايا.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته پيپلز پارٽي پهرين ڀنڊار ٻيٽ جي اين او سي ڏني پوءِ ٻاهر اچي مخالفت ڪري ٿي.

مراد سعيد چيو ته حڪومت کي ان جي به جاچ ڪرڻ گهرجي.

هن ٻڌايو ته ڀنڊار بيٽ وٽ نيوي جو بيس ڪيمپ آهي جنهن جي مسواڙ پورٽ قاسم کي ملي رهي آهي.

ان کان سواءِ هن چيو ته ڏکڻ بلوچستان جي ماڻهن جي حالت ڏسو جنهن جي ذميوار اڳوڻيون حڪومتون آهن، انهن کي محرومي ڏانهن ڌڪيندڙ توهان آهيو.

سندس چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ڏکڻ بلوچستان لاءِ 600 ارب جو پيڪيج ڏنو.

مراد سعيد سوال ڪيو ته ڇا ڀنڊار ٻيٽ مان به پيپلز پارٽي ڪميشن ڳولي رهي هئي جڏهن توهان کان سوال ٿيندو آهي ته ڪير سنڌ، ڪير بلوچستان ۽ ڪو پنجاب ڪارڊ کيڏندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پهرين موٽر وي تي کربين پائونڊن جي ڪرپشن ڪئي وئي جڏهن اسان 6 هزار 145 ڪلو ميٽر روڊ جو اڍائي سالن ۾ آغاز ڪري ڇڏيو ۽ ايوب خان کان پوءِ پاڪستان ۾ ڊيمز نه بڻيا، 4 ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ ڊيم بڻجي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.