وفاق صوبن جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ٿيندي: پرويز رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر پرويز رشيد سوال اٿاريندي چيو آهي ته حڪومت ديامير ڀاشا ڊيم جي زمين خريد ڪئي يا تحفي ۾ ملي؟

سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرويز رشيد چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم جي زمين ڪٿان آئي؟ زمين موجوده حڪومت خريد ڪئي يا تحفي ۾ ملي؟ حقيقت اها آهي ته ڊيم جي زمين جي خريداري جو ڪم پ پ جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ ن ليگ ان کي مڪمل ڪيو، ڊيم جي اڏاوت جو ڪريڊٽ ٻن اڳوڻين جمهوري قوتن کي وڃي ٿو.

هن چيو ته حڪومت طرفان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ملڪ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهي رهيون آهن، مان انهن سان گڏ ڪنهن به شهر جي بازار ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اسان پي ٽي وي جي ڪئميرا تي ماڻهن کان پڇنداسين ته شيون ماضي جي ڀيٽ ۾ مهانگيون ملي رهيون آهن يا سستيون؟ جيڪو جواب ايندو اهو پي ٽي وي تي هلايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته وفاق صوبن جي وسيلن تي بُري نظر رکي قبضو نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام جي مزاحمت ٿيندي، جنهن کي روڪي نه سگهبو.

پرويز رشيد موجب اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف لنڊن جي براڊ شيٽ ڪمپني کي پاڪستاني سياستدانن جا لنڊن ۾ اثاثا ڳولڻ جي ذميواري ڏني، هاڻ اها ڪمپني عدالت ۾ آهي ته جيڪڏهن حڪومت پئسو نه ڏنو ته ان کي ايون فيلڊ جا 4 فليٽ ڏنا ويندا.

هن برطانوي عدالت جو حوالو ڏئي چيو ته توهان ايون فيلڊ ڏانهن نٿا ڏسي سگهو، اهي فليٽ پاڪستان جا ناهن، ن ليگ قائد نواز شريف سچو ثابت ٿيو ۽ عدالت جي حڪم تي پاڪستان جي لنڊن بئنڪن ۾ پئسو وٺي ڪمپني کي ادائيگي ڪئي وئي، اهي 700 ڪروڙ رپيا ٺهن ٿا، توهان رڳو سياسي انتقام خاطر اهو ڪيو ته نواز شريف کان پلاند ورتو وڃي ۽ آصف زرداري کي غلط ثابت ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.