رضا رباني جو بجلي جي بريڪ آئوٽ تي توانائي واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ آئوٽ واري معاملي تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مطالبو ڪيو آهي ته بليڪ آئوٽ واري معاملي کي لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي جيئن سينيٽ ان جي جاچ ڪري ۽ بليڪ آئوٽ تي توانائي وارو وزير استعيفيٰ ڏئي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو  ته حڪومت کي پارليامينٽ  ۾ بريڪ آئوٽ تي بيان ڏيڻ گهرجي ها پر ان واقعي جي ڪنهن وڏي جو ڪنڌ قلم نه ڪيو ويو پر ننڍن اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.

رضا رباني چيو ته توانائي واري وزير ايوان ۾ بليڪ آئوٽ تي بيان ڏيڻ مناسب سمجهيو ۽ نه ئي بليڪ آئوٽ تي جاچ جو حڪم ڏنو جڏهن ته نيپرا پاڻ هڪ انڪوائري جو حڪم ڏنو.

پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت کي به انڪوائري ڪرائڻ جي منظوري ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته توانائي جا ادارا بنا سي اي او جي ڪم ڪري رهيا آهن پوءِ حڪومت انرجي سيڪٽر کي خانگائڻ جي ڳالهيون ٿي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.