پاڪ بحريا جو پاڻي اندر اينٽي شپ ميزائل ۽ تارپيڊو فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا عربي سمنڊ ۾ پاڻي اندر اينٽي شپ ميزائل ۽ تارپيڊو فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو آهي.

پاڪ بحريا جي ترجمان موجب سامونڊي فوج جي آبدوزن ڪاميابي سان پنهنجي هدف کي نشانو بڻايو، ميزائل ۽ تارپيڊو فائرنگ جو مظاهرو پاڪ بحريا جي صلاحيتن ۽ حربي تيارين جو چٽو ثبوت آهي.

ترجمان ٻڌايو ته نيول چيف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي به ميزائل ۽ تارپيڊو فائرنگ جو مشاهدو ڪيو.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڪ بحريا جا جوان ۽ آفيسر ملڪي سامونڊي حدن ۽ بحري اثاثن جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.