جهڏو جي پورهيت خاندان پاران بااثر جي ڌمڪين خلاف دانهون، تحفظ جي اپيل

جهڏو جي پورهيت خاندان پاران بااثر جي ڌمڪين خلاف دانهون ڪيون ويون . ميگھواڙ پاڙي جي رهواسي آڻندو، ۽ سندس گهر واري شانتي ٻائي معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته سندس پٽ راجو ميگھواڙ هڪ سال اڳ دبئي ۾ مزدوري ڪندو هو،  اتي ملتان واسي توسيف نالي ماڻهو جي چوڻ تي هن سنڌ جي مختلف شهرن مان نوجوانن کي دبئي موڪلڻ بهاني 22 لک رپيا وٺي ڄاڻايل ماڻهو کي ڏنا،  رقم وٺڻ بعد توصيف نالي شخص فراڊ ڪري گم ٿي ويو ۽ سندس پٽ راجو پڻ هڪ مهيني کان گم آهي جنهن جو ڪو به پتو نه آهي، هن چيو ته سندس پٽ مختلف نوجوانن کان رقم وٺي فراڊي شخص کي ڏني پر هاڻي مختلف ماڻھو رقم وٺڻ لاءِ هن کي پوليس ذريعي پريشان ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هو غريب پورهيت آهي ايترا پئسا ڪٿان آڻيندو، هن آئي جي سنڌ،  ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي معاملي جو نوٽيس وٺي انهن سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.