ڪرڪيٽ ڪميٽي جو قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڪرڪيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ قومي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته رانديگرن کي سائنسي بنيادن تي تيار ڪيو وڃي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سربراهه سليم يوسف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم، عمر گل، عروج ممتاز، چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ذاڪر خان، هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس سان گڏوگڏ چيف سليڪٽر محمد وسيم به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ قومي ٽيم جي گذريل 16 مهينن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ان حقيقت کي به تسليم ڪيو ويو ته قومي ٽيم ڪورونا وبا سبب ڏکيائين ۽ ڪجهه رانديگرن جي غير موجودگي کي منهن ڏنو، جنهن سان ڪارڪردگي تي اثر پيو.

بيان موجب ڪميٽي سربراهه سليم يوسف چيو ته ٽيم جي تازي ڪارڪردگي نه اميدن موجب آهي ۽ نه اسان وٽ موجود ٽئلينٽ سان انصاف ڪري ٿي، ٽيم جي چونڊ ۽ فائنل اليون لاءِ رانديگرن جي چونڊ ۾ بهتري هجڻ گهرجي، ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رانديگرن جي تياري ۾ سائنس ۽ ڊيٽا بيس کان مدد وٺجي، ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز کانپوءِ ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.