ڀارت ۾ ٺهندڙ فلم ”هيرا منڊي“ تي منشا پاشا جو ردعمل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا منشا پاشا افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني سماج ۾ موجود حقيقي ڪهاڻين تي ڀارتي فلم ساز فلمون ٺاهي پئسا ڪمائڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ اسان افسانوي مواد تي به پابندي لڳائي رهيا آهيون.

ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ جو مشهور فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي لاهور جي هيرا منڊي ۾ ٿيندڙ جسم فروشي جي ڪاروبار تي فلم ٺاهيندو، جيڪا وڏي بجيٽ جي فلم هوندي ۽ هڪ شاندار ڪاسٽ تي ٻڌل هوندي.

ان حوالي سان اداڪارا منشا پاشا ٽوئيٽر تي اظهار ڪيو ته ڀارت لاهور جي بدنام هيرا منڊي تي فلم ٺاهي رهيو آهي، ڇو ته اسان هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا، جتي حقيقي ته پري جي ڳالهه افسانوي ڪهاڻيون به سينسر ٿينديون آهن.

سندس موجب اسان افسانوي مواد تي پابندي هڻي ان ڳالهه تي بحث ڪندا آهيون ته اخلاقي طور ڪهڙو خيالي مواد ڏيکارڻ گهرجي ۽ ڪهڙو نه، اسان جي انهن ئي ڪمزورين سبب ٻيا ماڻهو اسان جي ملڪ ۽ سماج سان واسطو رکندڙ حقيقي ڪهاڻين تي فلمون ٺاهي سڄي دنيا ۾ وڪري ڪري پئسو ڪمائيندا آهن.

هن چيو آخر ۾ اهو ئي ٿيندو، اسان پنهنجون ئي ڪهاڻيون ٻين جي واتان ٻڌنداسين، افسوس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.