مخالف ڌر جي نيب بابت خدشن تي سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ اهم مشاورتي اجلاس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي قومي احتساب بيورو (نيب) بابت خدشن تي سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو.

ذريعن موجب مشاورتي اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ ايوان جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

ان دوران نيب جي معاملي تي مخالف ڌر جي خدشن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سمورا خدشا آڏو رکيا.

سليم مانڊوي والا چيو ته نيب جي خلاف ٺهراءُ ۽ تحريڪ التوا جي فيصلي تي قائم آهيان، مشاورت ۾ خاص ڪميٽي جي قيام جي به تجويز ڏني وئي.

 ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب بابت خدشن تي پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ ٻئي اجلاس جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين نيب معاملي تي اهم مشاورتي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.