تابش گوهر جي استعيفيٰ رد، ڪم جاري رکڻ جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان توانائي بابت خاص مددگار تابش گوهر جي استعيفيٰ رد ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان سان توانائي بابت خاص مددگار تابش گوهر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم سندس استعيفيٰ منظور نه ڪئي ۽ کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

ذريعن موجب تابش گوهر کي وزيراعظم خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاور سيڪٽر ۾ موجود مافياز خلاف ضرور ڪارروائي ٿيندي.

عمران خان چيو ته ملڪ ۽ پاور سيڪٽر کي هن وقت توهان جهڙن ماهرن جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته تابش گوهر توانائي شعبي ۾ اهم ڪردار نه ملڻ تي به دلبرداشته هو ۽ هن پنهنجي استعيفيٰ واٽس ايپ ذريعي موڪلي هئي.

تابش گوهر آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ سخت موقف اختيار ڪيو هو ۽ هن آءِ پي پيز کي واڌو ادائيگين جا پئسا واپس ڪرائڻ پئي چاهيا.

هو 7 سالن تائين ڪي اليڪٽرڪ جو چيئرمين ۽ سي اي او رهيو، جڏهن ته وزيراعظم ڊسمبر ۾ کيس پنهنجو خاص مددگار مقرر ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.