پکو لڳ پلاٽ تي قبضي ۽ ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻن پاران پاڪ ڪتاب کڻي مظاھرو

پکو لڳ پلاٽ تي قبضي ۽ ڌمڪين خلاف ڳوٺاڻن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو  ويو ، ڳوٺ الھڏنو تنيو ۾ ڳوٺاڻن نواب علي خالد حسين , اصغر تنيو , رياض , محمد الياس , الھڏنو , ڪريم بخش , محمد عالم , رجب تنيو , احمد , غلام الدين ۽ علي جان تنيو معصوم ٻارڙن سميت ھٿن ۾ ڪلام پاڪ کڻي قبضا مافيا خلاف سخت احتجاج ڪندي دانھيو ته انهن جي گھرن اڳيان سرڪاري کڏ آھي جيڪا ڳوٺ جي نيڪال لاءّ استعمال ٿئي ٿي تنھن تي ڳوٺ جا ڪجھ شرپسند ماڻھو علائقي جي بااثر شخص سان ملي ڪري قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ، منع ڪرڻ تي بااثر شخص رات جي پھر ۾ ھٿياربند ماڻھو موڪلي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته کين موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن کي گرفتار ڪري انهن کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.