ڪلوئي ۾ اٽي جي بحران کانپوءِ سرڪاري طور تي آيل سستي اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي، سستو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ آيل پورهيت کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ اٽي جي ورهاست بند ڪئي وئي، ان موقعي تي اٽو وٺڻ لاءِ آيل شهرين پاران شڪايتون ڪيو ن ويون ته چڪي مالڪن کي ڪجهه ڏينهن اڳ مختيار ڪار ڪلوئي ۽ ٻين عملدارن پاران اٽي جي ڏهه ڪلو ٿيلهي جا صرف 500 وٺڻ جو پابند بڻايو ويو هو پر خريدارن کان ڏهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي تي 580 رپيا اوڳاڙيا پيا وڃن.