راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان امن ڪونسل جي اڳوڻي سربراهه ۽ حزب وحدت اسلامي افغانستان جي چيئرمين محمد ڪريم خيليلي ملاقات ڪئي.
پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۾ امن ۽ مضبوطي، رابطي ۽ افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب معززن پاڪ افغان لاڳاپن تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو جڏهن ته مهمانن پاڪ افغان لاڳاپن جي مستقبل تي آرمي چيف جي ويزن جي به تعريف ڪئي.