کاڻوٺ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي سيوهڻ کان ڪراچي طرف ويندڙ ڪار حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب نوجوان فوت جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪار جي ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب ڪار سندس ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ سيوهڻ واسي 18 ورهين جو نوجوان محمد يعقوب ولد حبيب الله سولنگي موقعي تي فوت جڏهن ت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، خاڻوٺ پوليس دير سان پهچڻ سبب فوتي جو لاش ۽ زخمي 2 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا جڏهن ٽئڪسي ڊرائيور پڻ موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو جڏهن ته ايڌي ايمبولنس ذريعي فوتي ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو.