قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت جوابدارن مختيار کوسو، فرزانه کوسو ،شهزادي کوسو مٿان قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ ٻه ٻه لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ، هڪ سال اڳ بهرام ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار مسمات فرزانا قتل ٿي ويل جي ڀاءُ ۽ ڏيرياڻي سان گڏجي پنهنجي مڙس کي قتل ڪيو هو ، جنهن جو ماڊل ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ سينٽرل جيل لاڙڪاڻي موڪليو ويو.