ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ جلال چاچڙ جي رهواسي خاندان پاران اثرن جي زيادتي جون دانهون ڪيون ويون ، پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو پهچي ڪنبير سومرو ، سندس پيرسن ماء مسمات ملوقان سومرو،ڀيڻ مائي مجيدان سومرو ۽ معصوم پٽ کي ساڻ ڪري بااثرن جي ظلم جو داستان ٻڌائيندي چيو ته انهن جا مائٽ ۽ ڳوٺ جا وڏيرا صالح محمد سومرو،نيڪ محمد سومرو ۽ انهن جا پٽ ھر روز انهن تي تشدد ڪري سندن نوجوان ڌيء نسيمان سومرو کي ٽن لکن ۾ وڪڻي نامعلوم ھنڌ تان معذور شخص سان زبردستي پرڻائي ڇڏيو آهي جيڪا پنج سالن کان اتي قيد ٿيل آھي
هنن چيو ته انهن جي فرياد نه ٿي ورتي وڃي ۽ تحفظ ڏيڻ وارو به ڪير ناھي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي انهن جي واهر ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي .