ميروخان ۾ سيلر مالڪن ۽ واپارين جي سڏ تي شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، رائيس ملرز يونين جي سڏ تي مل مالڪن عبدالحميد گوپانگ . هدايت الله چانڊيو ، شاهمراد عمراڻي ، اڪبر جاگيراڻي . امتياز جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽو پئٽرول پمپ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي اهم عرضي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مل مالڪن ۽ واپارين جو چوڻ هو ته گذريل چئن سالن کان عبدالله ڪمپيوٽر ڪانٽي جي آپريٽر سراج سولنگي مخصوص واپارين سان ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ توڙي سارين جي سوين ٽريڪٽرن جي تور ۾ فراڊ ڪري وڌيڪ وزن ڏيکاري واپارين ۽ مل مالڪن کي ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ رقم جو نقصان ڏنو آهي جنهن خلاف ڪيس به داخل ڪرايو پر پوليس مک جوابدار سراج سولنگي کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو . هنن ڊي سي ۽َايس ايس پي قمبر کي چتاءُ ڏنو ته ڪروڙين روپين جو فراڊ ڪندڙ مک جوابدار سراج سولنگي ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ازالو ۽ انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ رائيس ملون بند ڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.