ڊائريڪٽر انفارميشن ڊويزن ميرپورخاص سوائي خان ڇلگري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث بخش پٺاڻ ايوان صحافت ميرپورخاص پهچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون ، جمھوري طريقي سان نئين چونڊيل عھديدارن صدر وارث خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري فضل شر ،سينيئر نائب صدر مختيار ڪيريو، نائب صدر غفار رند ۽ ٻين کي گلن جا هار پارايا ، ان موقعي تي سينئر صحافي فلڪ شير، اظھر چڍڙ ،شھزاد خان ،پرويز بلوچ طارق پنهور ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .