اوپو رينو 5 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

اوپو پاڪستان جي لاءِ 2021ع جو پهريون فون رينو 5 جي شڪل ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

اوپو رينو 5 کي ڊسمبر 2020ع ۾ چين ۾ 5 جي ويزن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ پاڪستان ۾ ان جو 4 جي وززن پيش ڪيو ويو آهي.

رينو 5 ۾ اسنيپ ڊراگون 720 جي پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، پر ايس ڊي ڪرڊ سپورٽ موجود ناهي.

ان فون ۾ 6.43 انچ او ايل اي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

اهڙي ريت 4310 ايم اي ايڇ بيٽري 50 واٽ فاسٽ سپر فليش چارج سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ سنسر اسڪرين جي اندر ڏنو ويو آهي.

فون ۾ اسمارٽ ايئر ڪنٽرول نالي فيچر به موجود آهي، جنهن جي مدد سان هٿن جي حرڪت سان ڪال کي ميوٽ يا پڪ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ايپس ۾ اسڪرولنگ ڪري سگهجي ٿي.

فون ۾ بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي، جنهن سان 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ لينس، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل مونو پورٽريٽ ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فون جي فرنٽ تي 44 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

فون ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 11 سان ڪئي وئي آهي.

هي فون هن وقت پاڪستان اندر پري آرڊر ۾ 59 هزار 999 رپين ۾ موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.