”ڪوشش آهي ته نالائق حڪومت مان جلد کان جلد جان ڇُٽي وڃي“

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هيل تائين اسان جون سموريون ريليون ۽ جلسا تاريخي ٿيا آهن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد نالائق حڪومت مان جان ڇُٽي وڃي.

ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي جي دعوائن باوجود مچ جهڙو سانحو ٿيو، حڪومت پنهنجي ڪوڙ جو اعتراف ڪري.

هن چيو ته هيءَ ڌانڌلي سٽيل حڪومت آهي، چوري ٿيل مينڊيٽ آهي، جنهن کي اسان تسليم نٿا ڪيون، ڪوشش آهي ته هيءَ حڪومت گهر هلي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.