لاهور سيشن ڪورٽ ٻاهران 7 جوابدار گرفتار، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ بابا گرائونڊ گيٽ جي ٻاهران 7 جوابدارن کي هٿيارن جي وڏي کيپ سميت گرفتار ڪري ورتو.

سيڪيورٽي انچارج انسپڪٽر مبشر اعواڻ چيو ته جوابدارن وٽان ڪلاشنڪوف ۽ ٽرپل ٽو سميت پنج بندوقون هٿ ڪيون ويون، جڏهن هنن وٽان هزار کان وڌيڪ گوليون ۽ 15 ميگزين به هٿ ڪيا ويا.

پر بعد ۾ لاهور پوليس جي ترجمان بيان ۾ چيو ته ست جوابدار شهروز، عمران، احسان الله، بلال، فيصل، رياض ۽ هڪ ٻئي کان 5 رائيفلز، 5 پستول ۽ 700 گوليون هٿ ڪيون ويون.

ٻئي پاسي لاهور ڪيپٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) غلام محمود ڊوگر سيڪيورٽي انچارج ۽ هن جي ٽيم کي جوابدارن جي گرفتار تي واڌايون ڏنيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.