لياري گينگوار جو سربراهه عذير بلوچ قتل جي هڪ ٻئي ڪيس مان بري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) لياري گينگوار جي سربراهه عذير بلوچ کي هڪ ٻئي ڪيس مان بري ڪيو ويو.

لياري گينگوار جي سربراهه عذير بلوچ خلاف قتل جي هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو عدالت ٻڌائي ڇڏيو. عدالت عذير بلوچ کي عدم شاهدين تي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. گذريل هڪ هفتي دوران عذير بلوچ 4 ڪيسن ۾ بري ٿي چڪو آهي.

ٻڌڻي دوران عذير بلوچ جي وڪيل چيو ته قتل جي واردات 13 مارچ 2013ع تي ڪلري جي علائقي ۾ ٿي، ڪيس 17 مارچ تي داخل ڪيو، پوليس سياسي بنياد تي منهنجي اصيل کي نامزد ڪيو جيڪو هن ڏوهه ئي ناهي ڪيو.

وڪيل چيو ته قتل جي ڪيس جو ڪو به اکين ڏٺو شاهد عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو، ڪيس ۾ عذير بلوچ سميت 7 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، ڪنهن قتل ڪيو فريادي ان حوالي سان خاموش آهي، اڻڄاتل شهري جو لاش پوليس کي مليو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.