ميهڙ: عوامي جمهوري پارٽي پاران ملڪ ۾ غربت جا سبب ۽ انجو حل جي موضوع تي مذاڪرو

عوامي جمهوري پارٽي ميهڙ پاران ملڪ ۾ غربت جا سبب ۽ انجو حل جي موضوع تي مذاڪرو ڪرايو ويو ،  جنهن ۾  سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن  عورتن توڙي مردن وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي ، تقريب ۾ کاٻي ڌر جي نامياري دانشور ڊاڪٽر عمار جان ، عوامي جهموري پارٽي  جي مرڪزي تعليمي سيڪريٽري سيد لعل شاه ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام  عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيوآهي،  مهانگائي بدامني ۽ دهشت گردي رياست کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر عمار جان چيو ته  آءِ ايم ايف ۽ ٻيا سرمائيدار ادارا دنيا کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙين پيا، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سعيد پنهور، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ منور جتوئي ،منظور مهيسر ، سليم مگسي ايڊووڪيٽ ،ساجد چانڊيو ،جنيد چانڊيو ، فراز جتوئي، ماجد پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،  ان موقعي تي مرڪ  مهيسر ، ايلاف چانڊيو ،ڪبير شاويز ۽ سندن ٽيم قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري ويٺلن  تي سحر طاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته شاعر سجاد اڪبر مغيري پنهجو نڪور نظم پڙهي خوب داد حاصل ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.