اسٽيل ملز مان برطرف ڪيل پورهيتن جو سي اي او جي آفيس جو گهيراءُ، احتجاجي ڌرڻو

اسٽيل ملز مان برطرف ڪيل پورهيتن پاران  سي اي او اسٽيل مل جي هائوس جو گهيراءُ  ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي سميت ڌرڻو هنيو ويو ،مڇريل عورتون هائوس جي مک دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ويون، چيف ايگزيڪيٽو پاڪستان اسٽيل 24 ڪلاڪن کان گهر اندر محصور بڻجي ويو، ، ان موقعي تي هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي آل ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، ۽ ٻين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ اسٽيل مل جي هزارين پورهيتن کي برطرف ڪري انهن جي گهرن جو چلهو وسايو ويو آهي، انهن جا معصوم ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا ،

هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور پاڪستان اسٽيل مل مان برطرف ڪيلن ملازمن کي بحال ڪري،  . ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي جنهن سي اي او هائوس جو داخلي انتظام سنڀالي ورتو،.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.