لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ جي مختلف واقعن ۾ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب چونگي امر سنڌو جي علائقي ۾ هڪ ورڪشاپ ۾ سئلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.
هوڏانهن فيروز والا ۾ هڪ بيڪري جي باورچي خاني ۾ سئلينڊر ڦاٽڻ سان هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد کانپوءِ گهر موڪليو ويو.