نندي پور پاور ريفرنس ۾ بابر اعواڻ ۽ ٻين جوابدارن جي بريت وارو فيصلو درست قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ نندي پور پاور  ريفرنس ۾ بابر اعواڻ ۽ ٻين جوابدارن جي بريت جو فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ نندي پور پاور ريفرنس ۾ بابر اعواڻ ۽ ٻين جي بريت بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف نيب اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ گذريل ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن کي اڄ ٻڌايو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب جون اپيلون رد ڪندي احتساب عدالت جي فيصلي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ جسٽس ريٽائرڊ رياض ڪياني جي بريت جو فيصلو درست قرار ڏنو، ان کان سواءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسعود چشتي جي بريت رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.