پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي مچ سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو.
ٺهراءُ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن طرفان گڏيل طور پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ايوان شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي ۽ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
ٺهراءَ ۾ مرڪزي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ضابطي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.