ڪورونا سبب وڌيڪ 41 فوتگيون، 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 880 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ گڏيل ڪووڊ -19 ٽيسٽن جو انگ 71 لک 62 هزار 626 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي مريضن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 408 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديقي مريضن جو انگ 5 لک 60 هزار 701 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 27 هزار 885، پنجاب ۾ هڪ 1 لک 46 هزار 610، خيبرپختونخواهه ۾ 61 هزار 648، اسلام آباد ۾ 39 هزار 340، بلوچستان ۾ 18 هزار 429، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 501 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 882 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ:

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 700 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ:

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ ان وبا سبب فوت ٿيلن جو انگ گڏيل طور 10 هزار 707 ٿي ويو آهي.

صحتياب مريضن جو انگ:

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن اندر 3 هزار 606 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 61 هزار 977 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.