”ڪورونا ويڪسين لاءِ چيني ڪمپني سان ڳالهيون جاري آهن، جلد خوشخبري ڏبي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين لاءِ چيني حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن، جلد خوشخبري ڏينداسين.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وبا دوران پاڪستاني پاليسين کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي، گڏيل قومن، بل گيٽس ۽ ٻين عالمي ادارن پاڪستان جي تعريف ڪئي، بروقت فيصلا نه ڪيا وڃن ها ته شايد نقصان ٿئي ها، وبا سان گڏ زندگي گذارڻ جي عادت ٿي وئي آهي.

اسد عمر ٻڌايو ته ڪورونا وبا دوران هر شخص ڏکيائي سان گذارو ڪيو، پاڪستان ۾ ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهو معاوضي جي عيوض ڪم ڪن ٿا، ڪورونا سبب 2 ڪروڙ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو، 10 سيڪڙو گهراڻا ڪجهه هڪ کان وڌيڪ ڏينهن بکيا رهيا، 30 سيڪڙو گهراڻا خوراڪ جي عدم  فراهمي تي عدم تحفظ جو شڪار ٿيا، معاشي بدحالي جي ڪري 54 سيڪڙو ماڻهن کائڻ پيئڻ جي شين جي خريداري گهٽ ڪري ڇڏي، 50 سيڪڙو سستيون شيون کاڌيون يا کاڌي پيتي ۾ گهٽتائي آندي، 47 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته هنن کي سندن جمع پونجي استعمال ڪرڻي پئي، 30 سيڪڙو ماڻهن دوستن وغيره کان قرض وٺي گذاريو ڪيو.

هن چيو ته وبا ج ٻي لهر ۾ ڪجهه ملڪن ۾ گهڻيون ئي فوتگيون ٿي رهيون آهن، برطاميا، آمريڪا ۾ ڪورونا سبب جيتريون فوتگيون 2021 ۾ ٿي رهيون آهن ايتريون 2020ع ۾ نه ٿيون، پاڪستان مڪمل بدران اسمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي کي اختيار ڪيو آهي، ڊسمبر جي پهرين هفتي کان پوءِ وبا جو پکڙجڻ گهٽ ٿيو.

اسد عمر وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ لاءِ تيزي سان فيصلا ڪري رهيا آهيون، چيني ڪمپني سان ڳالهيون جاري آهن، جلد سٺي خبر ڏينداسين، ڪجهه ملڪن ۾ ڪورونا جي ٽئي لهر به ڏٺي آهي، شهرين کان اپيل آهي ته وبا دوران احتياط ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.