ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ڪيئن ٿيو؟ رپورٽ جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي تازي بليڪ آئوٽ بابت رپورٽ پاور ڊويزن وٽ جمع ڪرائي وئي.

نيشل پاور ڪنٽرول سينٽر طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 9 جنوري تي رات 11.41 منٽن تي 500 ڪي وي گڊو شڪارپور سرڪٽ 1 ۽ 2 ٽرپ ٿي ويا جنهن سان گڏوگڏ ئي 500 ڪي وي گڊو مظفر ڳڙهه ۽ گڊو ڊي جي خان ٽرانسميشن لائنون به ٽرپ ٿي ويون جنهن سان بجلي جو سڄو نظام ويهي ويو.

رپورٽ موجب بليڪ آئوٽ کان اڳ سسٽم جي فريڪوئنسي 49.85 هئي ۽ بليڪ آئوٽ کان اڳ سسٽم گڏيل طور تي 10 هزار 311 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو هو جنهن ۾ پاڻي سان 1257 ميگا واٽ بجلي بڻائي پئي وئي جڏهن ته سرڪاري ٿرمل بجلي گهرن مان 983 ميگا واٽ ۽ آءِ پي پي مان 8 هزار 70 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سسٽم جي بحالي جو عمل ترٻيلا، منگلا ۽ وارس پاور هائوسز کان شروع ڪيو پر سسٽم فريڪوئنسي جي لاهن چاڙهن سبب ٽرپنگ جاري رهي، سسٽم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ترٻيلا ۽ منگلا کي انٽر لنڪ ڪيو ويو جنهن سان سسٽم جي بحالي شروع ٿي وئي.

رپورٽ موجب 10 جنوري تي رات 7.40 تائين ٽرانسميشن عمل بحال ڪيو ويو هو ۽ 10 جنوري تي ئي شام 6.44 تي اين ٽي ڊي سي جو نيٽ ورڪ ڪي اليڪٽرڪ سان جوڙيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.