ن ليگ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان تي رد عمل ڏيندي ان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ماضي جي غلطين کي مستقبل ۾ ورجائڻ نه گهرجي.

احسن اقبال چيو ته وزير اعظم مسلسل قوم کي گمراهه ڪندو رهيو ته پي ڊي ايم فوج کي چئي رهي آهي ته هنن جو تخت اونڌو ڪيو، فوج جي ترجمان چيو ته اسان جا مخالف ڌر سان ڪي به رابطا ناهن، جڏهن ڪو چينل ته ناهي اِهو ڪيئن ٿا چئي سگهو ته تخت اونڌو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته هي پاڪستان تحريڪ انصاف جي نه پر پاڪستان تحريڪ ڪوڙ جي حڪومت آهي، ڪوڙ ڪارپوريشن جي چيئرمين عمران خان ۽ مينجنگ ڊائريڪٽر شهزاد اڪبر آهي، عمران خان کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.