ميرپورخاص ۾ پسند پرڻي تان گوليون هڻي زخمي ڪيل عورت فوت

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) نامعلوم هٿياربندن پاران پيارجو پرڻ ڪندڙ عورت کي گھر ۾ گھڙي گولي هڻي زخمي ڪيل عورت 5 ڏينهن زندگي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ بعد گذريل ڏينهن ڄامشوري جي اسپتال  ۾ فوت ٿي ويئي، فوتي عورت جو لاش سول اسپتال ميرپورخاص مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي مڙس سميت 5 جوابدارن مان پوليس ڪوبه گرفتار نه ڪري سگھي. تفصيل موجب 5 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن پاران سينٽر جيل ميرپورخاص جي پوليس اهلڪار محمد بخش مري جي سرڪاري ڪوارٽر ۾ گھڙي پوليس اهلڪار سان پيار جو پرڻو ڪندڙ سندس زال فاطمه مري ڄامشوري جي اسپتال ۾ 5 ڏينهن تائين موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ بعد گذريل ڏينهن فوت ٿي ويئي، فوتي عورت جو مڙھ ڄامشوري کان سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن عورت جي اڳوڻي مڙس الھ جڙيو ڳاهو، چاچي بهادر ڳاهو، رمضان ڳاهو، خان محمد ڳاهو ۽ هڪ نامعلوم جوابدارن مان ڪنهن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.  سول اسپتال ميرپورخاص ۾ قتل ٿي ويل عورت فاطمه مري جي مڙس محمد بخش مري، ڏير امير اعظم مري چيو ته پيار جوپرڻو ڪندڙ فاطمه مري کي ڪارو ڪاري تحت بيدردي سان قتل ڪيو ويو جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي باوجود پوليس 5 ڏينهن ۾ هڪ به جوابدار داخل نه ڪيو آهي جڏهن ته بااثر جوابدار ۽ سندن بااثر مائٽ اسان کي موت مار  ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻيطرف رابطي تي سٽلائٽ ٽائون پوليس ٻڌايو ته داخل ڪيل ڪيس ۾ 302 قتل جي قلم شامل ڪئي ويندي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.