ٽنڊو باگو قتل ٿيل نوجوان جي وارثن تي راڄوڻي لاءِ ڪوششون

ٽنڊو باگو ( ت ر ) ٽنڊي باگي لڳ پنگريو روڊ تي واقعي ڳوٺ محمد عمر چانڊيو جو رھواسي نوجوان لال بخش عرف لالو کوسو جنھن  کي ٽنڊوباگو پوليس چوري واري ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي  ويھه ڏينھن اڳ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ھو، جتي  مقتول لاڪ اپ جي باٿروم اندر ڦاهوکاڌل لاش مليوهو  اھڙي واقعي بعد وارثن جي سخت احتجاج تي سول جج جي موجودگي دوران ٽنڊوباگو ٿاڻي جي اڳوڻو ايس ايڇ او سيد اصغر علي شاھ ھڪ اي ايس آ۽  سميت ٿاڻي جي اڳوڻي وڏي منشي الله بچايو خاصخيلي ۽ ھڪ پوليس اھلڪار اصغر شيدي مٿي قتل ڪيس داخل ڪندي ٽنڊوباگو  ٿاڻي جي اڳوڻي وڏي منشي الله بچايو خاصخيلي ۽ سپاھي اصغر شيدي کي بروقت گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو ھو جتي مسلسل اڳوڻو ايس ايڇ او سيد اصغر علي شاھ ۽ اي ايس آ۽ محمد بخش کچي عبوري ضمانتن تي آزاد ھئا، ٻئي پاسي وارثن  موجب پوليس پاران وارثن مٿي پريشر وجھي راڄوڻي فيصلي لا۽ ڪوششون پڻ زورن تي آھن ڪيس ۾ فريادي فوتي نوجوان لال بخش کوسو جي ننڍي ڀاء الاھي بخش کوسو موجب ڪنھن به صورت ۾ ٺاھ نه ڪنداسين ڀاءُ جي قاتلن کي سزا ڏياري رھندس ٻي طرف اڄ قومي عوامي تحريڪ ۽لالوکوسوجي عزيزن طرفان پوليس خلاف احتجاج جواعلان ڪيوويوآھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.