پيرڳوٺ لڳ 3 مقتولن جو ٽيجهو، سرچ آپريشن، 12 ڄڻا گرفتار

پيرجوڳوٺ؛(رپورٽ علي گل جوڻيجو) ڪوٽ ميرمحمد لڳ اوڍا، ڀٽا ۽ ناريجا تڪرار ۾ قتل ٿيل ٽن سئوٽن جو 25 جوابدارن مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، پوليس جون چڙھايون، خبرموجب، ڪوٽ ميرمحمد لڳ  ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ٽن سئوٽن سراج احمد، ابوبڪر ۽ امجد علي ڀٽو جو قتل ڪيس حبيب الله ڀٽو جي فرياد تي گناھ نمبر 5/2021 دهشتگردي ايڪٽ تحت ڌاڙيل احمد عرف احمدو ناريجو، مينھل، عبدالغفار، عبدالجبار، غوث بخش، محمد هاشم، سعيد الله، نعمت الله، الطاف، شاھنواز، اڪبر، شفقت، سراج احمد، الھيار، الھرکيو، عثمان، علي رضا، عبدالرشيد، عبدالرحيم، لياقت علي، راھب، عطا محمد ناريجو ۽ 3 نامعلوم جوابدارن سميت 25 ڄڻن مٿان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي حڪم تي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتار لاءِ ايس ايڇ او عبدالقادر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 6 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن ڪنگري جي ڪچي ڳوٺ حاجي مھرل ناريجو، راکا لانڍيون، سنڌو درياھ جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري سرچ آپريشن ڪيو، پوليس آپريشن دوران 12 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ پڇا ڳاڇا لاءِ رکيو آھي جن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آھن، هوڏانهن ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ مقتولن جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولن ٽنھي سئوٽن جو ٽيجھو اڄ ڳوٺ ڀٽا واھڻ ۾ ٿيندو. مقتولن جي وارثن پ پ اڳواڻ صدرالدين ڀٽو، حبيب الله ڀٽو، حاجي ڀاڳيل ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڌاڙيل احمدو ناريجو ۽ سندس ٽولي علائقي جو امن تباھ ڪري ڇڏيو آھي، هڪ مھينو اڳ اسان ايس ايس پي خيرپور کي پنهنجي خدشن کان آگاھ ڪندي ٻڌايوهو ته ڌاڙيل احمدو ناريجو ٽولي سميت اسان جي ڳوٺ تي حملي جي رٿابندي ڪري رھيو آھي پر ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو، جيڪڏهن ڏوھارين خلاف اثرائتي ڪاروائي ڪئي وڃي ها ته معصوم جانيون گولين جي بک نه بڻجن ها، ڌاڙيل احمدو ناريجو علائقو ۾ دھشت جي علامت بڻيل آھي جيسيتائين اسان جي 7 مقتولن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا تيسيتائين ڌاڙيل علائقي واسين کي سک جو ساھ نه کڻڻ ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.