ڪي اين شاهه ۾ نينگر سان بدفعلي، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاه جي شھباز ڪالوني جي رهواسي نياز علي چانڊيو خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي پهچي جوابدار نظير  احمد چانڊيو مٿان پٽ سان بدفعلي جو ڪيس داخل ڪرايو آھي ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته جوابدار نظير احمد چانڊيو منهنجي معصوم پٽ اسد الله چانڊيو کي ورغلا هڪ ڀانڊي ۾ وٺي ان کي بند ڪري اتي منهنجي پٽ جون ٻانهون ٻڌي ان سان بدفعلي ڪئي آهي پٽ جي رڙين دانهن تي پهتا سين ته جوبدار فرار ٿي ويو، جڏھن ته جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل معصوم اسدالله کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقه اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري جزا ورتا رابطي تي ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته نينگر ۽ جوابدار جا جزا ورتا آھن، جنهن جا جزا ڪراچي موڪليا آھن، باقي نينگر جي جسم تي ڪو به تشدد جو نشان نظر نه آيو آھي، وڌيڪ خبر رپورٽ اچڻ بعد پوندي هوڏانهن خيرپورناٿن شاهه پوليس جوابدار نظير احمد چانڊيو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.