نندي شهر ۾ حيسڪو وارن پاران بجلي وڪرو، شهري پريشان

بدين (رپورٽ:رازقڏنو کوسو) نندي شهر ۾ حيسڪو وارا بجلي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري بل ڀريندڙ شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن. نندي جي شهرين خدا ڏنو ۽ شيفح ڪوٽار دانهيندي چيو ته نندي  ۾ لائين مين ۔خادم ملاح ۔خادم رند ۔ منصور ڀان شهر ۾ بجلي وڪرو ڪري في مهينو لکين روپيا ڪمائڻ لڳا آهن. هنن چيو ته ڪيترائي ڪنيڪشن غيرقانوني رشوت عيوض نندو جي واپڊا عملي جي ملي ڀڳت سان هلڻ لڳا.  هلندڙ غيرقانوني ڪنيڪشن جنهن تي هلندڙ دڪان ۔ گهر جنهن ۾ هيٽر۔ استريون وغيره هلڻ ڪري بجلي جو زيان وڌي وڃڻ ڪري واپڍا وارا بل ۾ هٿراڌو واڌ ڪري بل ڏيندڙن جي لاء عذاب بڻجي ويا، جنهن سبب ڪيترائي بل پياريندڙ ماڻھون ڳري بل پيارڻ کان قاصر آهن.  نندو شهر ۾ مقرر لائين مين خادم رند ۽ خادم ملاح نندوشھر جي ڪيترن ئي غيرقانوني ڪنيڪشن ذريعي في ڪنڍي عيوض 500 کان هڪ هزار روپيا منٿلي اوڳاڙي ڪري هزارين روپيا ڪمائڻ لڳا.  ڪيترائي ڳوٺ جن ۾ ميٽر ڪليئر هجڻ جي باوجود رشوت نه ملڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪٽي ٿا ڇڏين . ساڳئين نموني سان نندو ۽ ان جي ڀرپاسي ڪيترن ئي وڏن گهرن ۽ دڪانن ۾ بجلي جون ڪنڍيون پرائيويٽ ملازمن ذريعي ڏئي ڪري رشوت جي بازار گرم ڪرڻ لڳا. ميٽر مالڪن جو موقف سامهون آهيو آھي ته جيڪڏهن ٻئي جڳه جا ملازم هجن ها ته هو ائين نه ڪن ها اسان مطالبو ڪريون  ٿا اعلي ا اختيارين کان ته نندو ۾ مقرر وابڍا جو ڪرپٽ عملو بدلي ڪري ڪو ايماندار عملو رکيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.