عمران نيازي عوام کان ڊڄي رهيو آهي: نثار کهڙو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نٿار کهڙو چيو آهي ته عمران نيازي عوام کان ڊڄي رهيو آهي هن ۾ عوام  جي سامهون اچڻ جي همت نه رهي آهي موجوده حڪومت عوام دشمن بڻجي چڪي آهي پي ڊي ايم هن عوام دشمن ۽ منحوس حڪومت مان چند ڇڏرائڻ لاءِ عوام جي طاقت سان گڏ جدو جھد ڪري رهي آهي پي ڊي ايم چئني صوبن ۾ وڏا وڏا جلسا ڪري چڪي آهي پي ڊي ايم جي جلسن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت حڪومت کان بيزاري جو واضع اظهار آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٽن سئو ٻيٽن تي قبضن، آدم شماري، وسيلن جي ورڇ ۽ سينيٽ ۾ هٿ کڻي ووٽ ڏيڻ سميت جنهن به غيرآئيني فيصلن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو . اسان کي يقين آهي ته عمرڪوٽ سميت ٻين تڪن تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ عوام اسان کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندي عوام پاران رد ڪيل سياستدان هڪ ڀيرو ٻيهر رد ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي ميرپورخاص ڊويزن جي صدر پيرآفتاب حسين شاه جيلاني جي گھر منعقد ڪيل پ پ ڊويزن جي اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالها.يندي ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم تمام سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلي نااهل حڪومت خلاف عوام جي طاقت سان جدوجھد ڪري رهي آهي ۽ جلد نااهل حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪيو ويندو هن چيو ته اسين حڪومت کان اين آر او نه پر عوام کان نيازي رمول آرڊينينش (اين آر او) گھري رهيا آهيون جنهن کي عوام قبول ڪيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي نااهلن لکين گھر، نوڪريون ڏيڻ جا عوام کان ڪوڙا واعده ڪري عوام کي ڌوڪو ڏيندي ملڪ جي عوام کي مهانگائي جو تحفو ڏنو ملڪ کي معاشي طور تباه ڪري ڇڏيو، هن چيو ته سنڌ کي آدم شماري تي اعتراض آهن سنڌ جي آبادي کي گھٽ ڏيکاريو ويو آهي پنجاب ۾ فيميلي جا 7 پرسن جڏهن ته سنڌ ۾ فيميلي جا 5 پرسن رکيا ويا جيڪو سنڌ سان سراسر ظلم آهي.  ٻين صوبن جا رهواسي جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا کائين پيئن ۽ ڪمائين به سنڌ ۾ ٿا انهن کي هڪ سازش تحت سنڌ جي بدران ٻين صوبن ۾ ڳڻيو ويو آهي. هن چيو ته هزاراه برادري جي ماڻهن سان وڏو ظلم ٿيو سندن قتل عام ڪيو ويو انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺل متاثرن کي وزيراعظم بليڪ ميلر جو لقب ڏئي سندن دل آزاري ڪئي عوا جي حفاظت ڪرڻ ۽ کين انصاف فراهم ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي پر ان جي ابتڙ وزيراعظم متاثرن جي خلاف ڪڌا لفظ استعمال ڪيا جيڪي مذمت جوڳا آهن وزير اعظم متاثرن وٽ تعزيت ڪرڻ لاءِ وڃڻ ۽ کين آٿت ڏيڻ جي بجاءِ متاثرن جي وفد کي پاڻ وٽ گھرائي ملاقات ڪئي جنهن مان سندس ذهن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين ۾ واضع لکيل آهي ته صدر ۽ وزيراعظم جي چونڊ کان علاوه تمام چونڊون سيڪريٽ بيليٽ ذريعي ٿينديون حڪومت پاران شو آف هينڊ ذريعي سينيٽ جو چونڊو ڪرائڻ غير آئيني آهي انهي جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي جلد سپريم ڪورٽ جو فيصلو سامهون اچي وينديون، استيعفائون ڏيڻ جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو هو پي ڊي ايم جي فيصلو هو ته پهرين جلسا، ريليون، احتجاج، لانگ مارچ ڪيو ويندو استيعفائن جو آپشن رکيو ويو هو جنهن لاءِ استيعفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائيڻيون هيون جيڪي جمع ٿي چڪيو آهن قانون موجب جيڪڏهن سنڌ حڪومت ختم ٿي وڃي ته باقي ٽن صوبن ۾ سينيٽ جا اليڪشن ٿيندا ان ڪري سينيٽ ۽ ننڍي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پي ڊي ايم به فيصلو ڪيو آهي ته سينيٽ جون چونڊون گڏجي وڙهنداسين. هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ قادر مڱسي سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ تمام قوم پرست اڳواڻن سان به جلد ملاقاتون ڪري سنڌ جي حقن جي جدوجھد جو ڪيس انهن جي سامهون رکيون وينديون ته جيئن سنڌ جي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ گڏيل جدوجھد ڪري سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.