عادلپور ڀرسان ڳوٺاڻي جي گهران ڍور چوري، ناڪابندي بعد ڍور هٿ

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) گذريل رات عادلپور ڀرسان جي ڳوٺ خميسو سيال  مان ڳوٺاڻي محمد عظيم سيال جي گهر مان نامعلوم چور ڍڳو چوري ڪري  ويا ڳوٺاڻن پاران عادلپور ۽ سوسائٽي  پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن بعد عادلپور/سوسائٽي  پوليس علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ورتي ناڪابندي دوران نامعلوم چور پوليس جي خوف سبب ڍڳو  جان محمد سوسائٽي ڀرسان ڪمند جي فصل ڇڏي ڪري فرار ٿي ويا. سوسائٽي پوليس ڳوٺاڻي جو چوري ٿيل ڍڳو هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏيو.

اوٻاوڙي ۾ پوليس ڪارروائي، ڳجهي اطلاع تي هڪ جوابدار لاڪ اپ

اوٻاوڙو  (ن ع آ)اوٻاوڙي جي ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل جي سخت ھدايتن تي روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين خلاف رانوتي پوليس جون ڪاروايون تيز ٿي ويون. رانوتي پوليس گشت دوران ڳجهي اطلاع  تي ڪارروائي ڪندي نزد ٽڳ شاخ پل وٽ رانوتي ۽ اوٻاوڙو پوليس کي قتل ۽ ٻين ڪيترن ڪيسن ۾ گھربل جوابدار ڪرائم نمبر 65/2018 دفعه 337FVi ڪرائم نمبر 72/2018 دفعه 324، ڪرائم نمبر 161/2018 دفعه 337Aii ٿاڻو رانوتي  ڪرائم نمبر 04/2020 دفعه 337Aii  اوٻاوڙو ٿاڻي تي ڪيس ۾ گھربل اشتھاري جوابدار ڳوٺ دٻلي جو رھواسي منظور احمد ولد محمد چاچڙ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.